پوليس عملي ڪارروائي

پوليس عملي ڪارروائي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب پوليس عملدار عبدالستار کرل جو لکيل آهي، جنهن ۾ پوليس جي قانونن ۽ ڪاررواين بابت ڄاڻ ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب پوليس کاتي جي تربيتي اسڪولن ۽ سينٽرن ۾ ڪورس طور پڙهايو ويندو آهي. آءِ. جي سنڌ جي حڪم هيٺ لکرايو ويو هو، جيڪو ان وقت جي مروج قاعدن جو جامع دستاويز آهي. هي ڪتاب سي. ايس. ايس ڪندڙ ۽ اي. ايس. آءِ جو امتحان ڏيندڙ شاگردن لاءِ پڻ وڏي اهميت رکي ٿو. ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ 203 صفحا آهن ۽ قيمت 40 رپيا اٿس. هيءُ ڪتاب پي. ٽي. ايس شهدادپور (ضلعي سانگهڙ) پاران 1996ع ۾ شايع ڪرايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو